رشيد صديقي حافظ

رشيد صديقي، حافظ: ٺٽي جي تاريخ ۾ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي دؤر ۾ حافظ رشيد مشهور خطاط ٿي گذريو آهي، کيس پنهنجي دؤر ۾ خطاطيءَ جي حوالي سان گهڻي اهميت حاصل هوندي هئي، ٺٽي جي عالمن توڙي سنڌ جي حڪمرانن سان سندس سٺا واسطا هئا. شاهه بيگ ارغون سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ جڏهن ٺٽي تي چڙهائي ڪئي ۽ سندس لشڪر ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪري ٺٽي کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيو هو، ان وقت حافظ رشيد وچ ۾ پئي ٺٽي کي تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو. عيسيٰ خان ترخان جي دؤر ۾ سندس خطاطيءَ جا ڪافي شاندار نمونا ملن ٿا. سندس پٽ عبدالرحيم به سندس والد وانگر پنهنجي دؤر جو بهترين خطاط هو. ٺٽي جي خطاطن تي ايم. اي. غفور جي لکيل ڪتاب ۾ به حافظ رشيد جو سما دؤر جي مشهور خطاط طور ذڪر ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو